چاچڙ عبدالوهاب مفتي

چاچڙ عبدالوهاب مفتي

چاچڙ عبدالوهاب مفتي

چاچڙ عبدالوهاب مفتي: ناميارو ديني عالم ۽ ماهوار ’شريعت‘ جو ايڊيٽر، مفتي عبدالوهاب ولد مولانا عبدالقادر چاچڙ، 26 مارچ 1942ع تي ڳوٺ ڪنڊي چاچڙ، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. پنجن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. پنهنجي چاچي مولوي محمد يوسف جي سرپرستيءَ ۾ هن تعليم پرائي. 1956ع ڌاري چاچي کيس گهوٽڪيءَ جي مدرسه قاسم العلوم ۾ داخل ڪرايو. جتان ابتدائي تعليم وٺي پوءِ مدرسه مدينة العلوم، پني عاقل ۾ مولانا عبدالهادي ميمڻ وٽ اچي پڙهيو، جتي کيس وقت جي وڏي عالم حماد الله هاليجويرح سان ملاقات جو موقعو مليو. هن بزرگ جو سندس وڏڙن سان ويجهو تعلق رهيو هو. ان کانپوءِ مدرسه قاسم العلوم مان ’شرح جامي ۽ قطبي‘ پڙهييو ۽ 1967ع ۾ سندس دستاربندي ٿي.
مولانا عبدالوهاب تعليم مڪمل ڪري قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۽ دارالـعـلــوم حـمـاديـه، هـاليـجي شـريـف ۾ پـڙهـايـو. 1970ع کان پـوءِ هـن مظهرالعلوم، منزل گاهه سکر ۾ به ڪافي سال درس ۽ تدريس ڏنائين. 1981ع ۾ روهڙيءَ ۾ اچي مدرسو قائم ڪيائين، جتي اڄ تائين پڙهائيندو رهي ٿو.
مولانا عبدالوهاب رسالن ۽ اخبارن ۾، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي مشوري سان لکڻ شروع ڪيو، جيڪو ان وقت گهوٽڪي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. قاسمي صاحب جي مشوري سان ٽه ماهي ’الرحيم‘ ۾ ڪيترا مضمون لکيا. ان کانسواءِ ملير ڊائجسٽ، روزاني هلال پاڪستان ۽ انقلاب وغيره ۾ به لاڳيتو لکندو رهيو.
1973ع ڌاري ’شريعت پبليڪيشن‘ جو بنياد وڌائين، جنهن اداري طرفان ماهوار رسالو شريعت ۽ ٻيا ديني ۽ اصلاحي ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيائين. پهريان ٽي سال رسالو مولانا فضل الله انڍڙ جي ادارت ۾ نڪرندو رهيو، ان کان پوءِ ان جو انتظام ۽ ادارت مفتي عبدالوهاب چاچڙ حوالي ٿي، جنهن رسالي ۾ اهم مذهبي ۽ قومي معاملن تي ڪارائتا مضمون ۽ ٻيا سلسلا پيش ڪيا. ’شريعت‘ رسالو اڃا تائين جاري آهي.
مفتي عبدالوهاب چاچڙ سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
سنڌي ڪتاب: تفسير سهل البيان، (2) الفتاويٰ شرعيه ( ٽي جلد)، (3) مرد ڪامل، (4) قرباني ۽ عقيقي جا مسئلا، (5) زڪوات جا مسئلا، (6) پيغمبر عليه السلام ۽ نيشلزم، (7) حرمين جو سفر، (8) من جي مالا، (9) ترجموفتح القوي في نسب النبي صلي الله عليه وسلم، (9) عشر آرڊيسنس جو جائزو. سندس ڪجهه سنڌي ڪتاب اشاعت هيٺ آهن.
اردوڪتاب : (1) عورت ڪي وزارت عظميٰ اور شريعت مصطفي، (2) عورت ڪي وزارت عظمي جائز هي، (3) ڪالا باغ ڊيم منصوبه قرآن وسنت ڪي خلاف، (4) عشر آرڊينس ڪا علمي جائزه، (5) سنڌ ڪا ڪيس. ان کان سواءِ ’ڪلوننگ ڪي شرعي حيثيت‘ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي.
عربي تصنيفن ۾: ’تحقيق تحفت المحببين شرح الاربعين النوويه الشيخ محمد حيات‘ آهي. ان کان سواءِ ’منار الحسنات في حيات الشيخ محمد حيات‘، ’انتخاب علمي نڪات تفسير ڪبير‘، ’تحفة الڪرام بذڪر العشر الحرام‘، ’الباب في ابو اب الحساب‘ ۽ ٻيا ڇپائيءَ هيٺ آهن.
فارسيءَ ۾ ٻه ڪتاب: ’رهنماء صوفيان‘ (سوال وجواب) ۽ ’زهره ياسمين تفسير سورت ياسين‘ اڻ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.03.26  عيسوي

ناميارو ديني عالم ۽ ماهوار ’شريعت‘ جو ايڊيٽر، مفتي عبدالوهاب ولد مولانا عبدالقادر چاچڙ، 26 مارچ 1942ع تي ڳوٺ ڪنڊي چاچڙ، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو اضعف ھالائي
عباس شيخ
مير حيدرالدين سبزواري
سلطان احمد سلطان
سيد حيدر شاهه1
علي محمد ٻاگهلائي مولوي
شاهه غلام يٰسين شيخ
آريجو غلام محمد
تاج محمود امروٽي
امام نسائي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون